اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشميري ڀائ??ن جي سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي حمايت جاري رکنداسين، پاڪستاني عوام جي دل ڪشميري ڀائرن س??ن گڏ ڌڙڪي ٿي، پاڪستاني عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن س??ن گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير شاخ جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ والاريل ڪشمير جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.