گوجرانوالا-03 ڊسمبر (اي پي ??ي) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته پاڪستان ۾ ايندڙ چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) ذريعي ڪر??يو?? وينديون ۽ پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين کي ووٽ ڏيڻ جو حق به ملندو. پنجاب ۾ ايندڙ مڪاني چونڊون به اي وي ايم ذريعي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گوجرانوالا ۾ اوور??يز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سڄي ملڪ ?? جمهوريت جي استحڪام ۽ـ صاف سٿري سياست تي يقين رکي ٿي، سياسي پارٽيون چونڊن ۾ ڌانڌليءَ جي رڙيون ڪنديون آهن، پر پي ??ي آءِ واحد پارٽي آهي ج??هن چونڊ سڌارن جي ذميواري کنئي ۽ ان سلسلي ۾ قانونسازي ڪئي وئي آهي ج??هن تحت ايندڙ چونڊون اي وي ايم ذريعي ڪر??يو?? وينديون. ڌانڌليءَ جو خاتمو ٿيندو ۽ پاڪستان کي جمهوري لحاظ کان هٿي ملندي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان اهڙي مڪاني نظام جو خواهشمند آهي ج??هن ۾ حقيقي طور تي اقتدار جي منتقلي ٿئي. ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته عوام جو چونڊيل نمائندو پنهنجي تڪ جي اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻين شين جو فيصلو ڪري سگهندو. هن چيو ته حڪومت عوام سان ڪيل وعدا پورا ڪري رهي آهي.