اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته پاڪستان سدائين مشڪل وقت ۾ افغان عوام جو ساٿ ڏنو آهي، عالمي برادري افغان عوام جون مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري، افغان عوام جي انساني بنيادن تي هر ممڪن مد?? جاري رکنداسين. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هن افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي ۽ سندس وفد کي خاطري ڪرائي ??هي ته اسان افغانستان کي انساني همدردي جي بنياد تي سموري ممڪن امداد فراهم ڪنداسين ۽ افغان عوام کي فوري ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ ک??ڌي جون ضروري شيون، هنگامي طبي اوزار ۽ سرديءَ کان بچڻ جي لاءِ سامان موڪلي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستا?? جو سفر ڪندڙ سمورن افغان شهرين کي ڪوويڊ 19 ويڪسين فراهم ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڏي ٿو ته اها افغانستان جي عوام کي درپيش سنگين انساني بحران کان بچڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل ذميواري پوري ڪري.