ڪراچي – 05 جون (اي پي پي) ماحوليات جي عالمي ڏهاڙو هر سال گڏيل قومن جي انتظام هيٺ صحت مند ۽ سرسبز ماحول جي اهميت جي باري ۾ آگاهي اجاگر ڪرڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي، ان جو مقصد اهڙا ماحولياتي قدمن کي اجاگر ڪرڻ آهي جنهن جي ذريعي موجوده ۽ خاص طور تي ايندڙ نسلن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي، هن سال ماحول جي عالمي ڏهاڙي جو موضوع ”ماحولياتي نظام جي بحالي“ آهي جنهن جي پوري ??نسانيت فڪرمند آهي، ماحولياتي نظام جي بحالي مان مراد اهو آهي ته جبلن جي چوٽين کان وٺي سمنڊ جي تري ??ائين ڏٺو ويندڙ ٻوٽن ۽ جانورن کي ختم ٿيڻ جي ڏاڪي کان واپس آندو وڃي، ان حقيقت کان به انڪار نٿو ڪري ??گهجي ته ماحولياتي نظام جي بحالي هڪ گڏيل عالمي ذميداري ??هي جنهن جي لاءِ وڏي پئماني تي جدوجهد جي ضرورت آهي، ??اڪ بحريه ماحول جو عالمي ڏينهن تسلسل سان ملهائيندي آهي ته جئين ماحولاياتي نظام جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ ماڻهن ۾ خاص طور تي آبي ماحول جي حوالي سان آگاهي کي فروغ ڏئي سگهجي، هن سال ڪورونا وائرس جي وبا جي احتياطي تدبيرن کي نظر ۾ رکندي اهڙين تقريبن جو انعقاد نه ڪيو ويو ??نهن ۾ وڌيڪ ماڻهن جي شرڪت هجي تنهن هوندي به پنهنجي پختي عزم جي اظهار سان ماحوليات بابگ آگاهي کي فروغ ڏيڻ لاءِ ميڊيا کي ڀرپور طريقي سان استعمال ڪيو پيو وڃي، ??اڪ بحريه جي اهلڪارن طرفان هر ڀيري ??فائي کانسواءِ ??اڪ بحريه جي يونٽس ۽ رهائشي علائقن ۾ ماحولياتي نظامن جي بحالي جي قدمن جي حوالي سان پوسٽر ۽ بينرز لڳايا ويا ۽ ڪتابچه ورهايا ويا. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ميري ٽائيم افيئرز جي اهتمام هيٺ آبي ماحول جي تح??ظ ۽ بحالي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ سيمينار جو اهتمام به ڪيو ويو. آگاهي مهم کانسواءِ ??اڪ بحريه جي اهتمام هيٺ مينگروز ۽ وڻڪاري ??ون مهمون پهرين کان جاري ??هن جنهن تحت ساحلي علائقن ۾ 70 لک کان وڌيڪ مينگروز ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ 20 لک کان وڌي?? ٻوٽا حڪومت جي ”وڻ پوکيو پاڪستان جي لاءِ“ نظريي موجب پوکيا ويا آهن، ??اڪ بحريه محفوظ بحري ماحول ۽ صاف سٿري ??منڊن جي لاءِ سدائين ڪوشان آهي، امير البحر ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ??اڪ بحريه جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ??ه ماحول جي بهتري ??اص طور تي آبي ماحول جي بهتري ??ي لاءِ سمورا قدم استعمال ۾ آندا ويندا، هن پنهنجي قيادت ۾ ??اڪ بحريه جي سمورن آفيسرن ۽ جوانن کي هدايت ڪئي ته هو ان رخ ۾ پنهنجون ڪوششون هر وقت جاري ??کن.