ترجمو: عدنان کوکر
اسلامي تعليم معاشري ۾ ڀائيچاري، محبت ۽ ايثار ۽ قرباني جي لازوال جذبي جي فروغ لاءِ غريب، بيوس ۽ لاچار ماڻهن جي مدد ذريعي سموري انسانيت کي هڪ ٻئي جي وقار ۽ احترام جو درس ڏي ٿي. ڪ??هن به معاشري جي معاشي ۽ سماجي ترقي جو دارومدار سمورن طبقن جي لاءِ هڪ جهڙو معيار زندگي فراهم ڪرڻ تي آهي، خاص طور تي ا??هن ماڻهن کي جن کي اقتصادي ترقي جا موقعا گهٽ ملن ٿا، گهٽ آمدني رکن ٿا ۽ ??هي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا هوندا آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف جي موجوده حڪومت مديني جي رياست جي تصور کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ ۾ رهندڙ بي سهارا طبقي جي احترام ۽ وقار کي يقيني بڻائڻ ۽ غربت جي ڪري مجبور، فٽ پاٿ ۽ رستن تي کليل آسمان هيٺ راتيون گذاريندڙ ماڻهن جي لاءِ 10 نومبر 2018ع تي شيلٽر هوم (پناهگاهه) پراجيڪٽ جو بنياد رکيو هو.
وزيراعظم عمران خان ان منصوبي جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو هو ت?? هي منصوبو سندس حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل هڪ اهم منصوبو آهي. هن چيو ت?? بي سهارا طبقي کي پن??هگاهه فراهم ڪرڻ هڪ خواب هو ۽ پن??هگاهون قائم ڪرڻ مديني جي رياست طرف هڪ عملي قدم آهي. هن ان کي مسافر، پورهيت، بي گهر ماڻهن کي باعزت رهائشي سهولتون ڏيڻ سان گڏ معاشرتي ترقي جو منصوبو پڻ قرار ڏنو. پاڪستان ۾ 2017ع جي آدمشماري موجب ملڪ جي آبادي لڳ ڀڳ 220 ملين آهي ۽ ان مان 20 ملين جي آبادي بي گهر يا رهائش جي ناڪافي سهولت رکندڙ ماڻهن تي ٻڌ?? آهي.
ان ڏس ۾ شيلٽر هومز منصوبو سماجي ڀلائي ۽ معاشرتي ترقي جو منصوبو ۽ وزيراعظم عمران خان جي مديني جي رياست ۽ فلاحي رياست قائم ڪرڻ جي خواب جي عملي تعبير آهي ج??هن جو مقصد پورهيت ۽ بي گهر ماڻهن کي باعزت رهائش جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. هن وقت لاهور شهر ۾ 6 شيلٽر هومز جن ۾ ڀاٽي گيٽ، فروٽ مارڪيٽ، ريلوي اسٽيشن، بس اڏو ۽ ٺوڪر نياز بيگ ۽ گلبرگ شامل آهن، جيڪي خدمت ۾ مصروف عمل آهن جتي رهائش پذير ماڻهن کي رهائش، حفظان صحت جي اصولن کي نظر ۾ رکي ٺاهيل کاڌي ۽ حفاظتي سهولتن سان گڏ هڪ بيڊ ۽ ناشتي جي سهولت ڏني پئي وڃي، هتي سيڪيورٽي جي لاءِ 24/7 ڪئميرائون نگراني ڪن ٿيون، پن??هگاهه ۾ صاف سٿرو ماحول، صاف بستر، سردين ۾ گرم پاڻي جي سهولت، اٽيچ باٿ رومز، ڪپڙا ڌوئڻ جي سهولت جڏهن ته هر پن??هگاهه ۾ هڪ مسجد موجود آهي، ا??هن شيلٽر هومز ۾ رهائش رکندڙ ماڻهن کي ميڊيڪل ٽيمون پڻ مفت علاج جي سهولت مهيا ڪري رهيون آهن.
سوشل ويلفيئر ۽ بيت المال پن??اب جي صوبائي وزير ياور بخاري ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي چيو ت?? معاشري جي ضرورتمند طبقن جي مدد ڪرڻ موجوده حڪومت جي ترجيحي ايجنڊا آهي، وزيراعظم عمران خان ملڪ جي بهتري ۽ ڀلائي جي لاءِ ڏي??هن رات ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ت?? ??هي پناهگاهون قائم ڪرن جو مقصد مسافر، بي گهر ۽ پورهيت طبقي کي باعزت رهائش جي سهولت ڏيڻ آهي. هن چيو ت?? گذريل ٻن سخت سرديءَ جي موسمن ۽ سخت موسمي صورتحال دوران پن??اب حڪومت صوبي جي سمورن 36 ضلعن ۾ 92 عارضي پن??هگاهون قائم ڪيون آهن، حڪومت ان سهولت جو دائرو ٻين وڏن شهرن تائين وڌائڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي. هن چيو ت?? مقامي ۽ عالمي سطح تي به پاڪستان تحريڪ انصاف جي موجوده حڪومت جي ان شاندار منصوبي کي تمام گهڻو ساراهيو پيو وڃي، ڇو ت?? ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان غريب ۽ بي گهر ماڻهن کي باقاعده طور تي ا??هن پناهگاهن ۾ رهڻ جي سهولت ملندي. هن چيو ت?? هي منصوبو حڪومت جي ويزن 2025ع جي سماجي ڀلائي جي قدمن جو هڪ عملي قدم آهي، ج??هن سان ملڪ ۾ معاشرتي انصاف ۽ برابري کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي.
ڀاٽي گيٽ پن??هگاهه جي سوشل ويلفيئر آفيسر عبدالرحمان چيو ت?? اسان وٽ 142 مردن ۽ عورتن جي لاءِ 16 رهائشي بيڊز جي گنجائش آهي. 7 هال مردن جي لاءِ جڏهن ته 2 هال عورتن جي لاءِ مخصوص آهن. هن چيو ت?? پن??هگاهن ۾ رهڻ لاءِ هڪ مناسب طريقيڪار اختيار ڪيو وڃي ٿو ج??هن تحت ڪورونا ايس او پيز کي سامهون رکندي سڀ کان اڳ ا??هن جي صحت چيڪ ڪئي وڃي ٿي، ا??هن کي پن??هگاهه جي احاطي ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ماسڪ فراهم ڪيو وڃي ٿو ۽ اصل ڪمپيوٽرائيزڊ قومي سڃاڻپ ڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ ۽ ان جي مڪمل ڊيٽا ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ڪرڻ کانپوءِ پن??هه وٺندڙ شخص کي بستر نمبر وارو ڪارڊ مخصوص ڪيو وڃي ٿو، ان کي بستر ڏيڻ کان اڳ سي اين آءِ سي چيڪ ڪرڻ ۽ آڱوٺي جي نشان ۽ تصوير وٺڻ جي لاءِ ڊيوٽي آفيسر وٽ وٺي وڃبو آهي ته جيئن اهو ان جا تفصيل ڊيٽا بيس ۾ داخل ڪري. هن چيو ت?? بيمار ۽ وڏي عمر جي ماڻهن کي پن??هگاهه جي فراهمي جي معاملي ۾ ترجيح ڏني وڃي ٿي ۽ ا??هن جي سهولت لاءِ واش رومز جي ويجهو بستر ڏنا وڃن ٿا. واضح رهي ته شيلٽر هوم پراجيڪٽ هڪ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت بورڊ آف ڊائريڪٽرز هلائي رهيا آهن. هن چيو ت?? هي شيلٽر هوم مستقل رهڻ وارا گهر نه آهن پر هتي مسافر ۽ محتاج ماڻهو وڌ کان وڌ ٽن راتين تائين قيام ڪري سگهي ٿو. ان دوران هر 24 ڪلاڪن کانپوءِ 2 کاڌا به کائي سگهي ٿو. هن چيو ت?? وزيراعظم عمران خان پاران سمورن شهرين جي لاءِ نئون پاڪستان هائوسنگ جي پڻ شروعات ڪئي وئي آهي ان منصوبي سان شهرين کي مستقل طور تي پنهنجو گهر حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
لاهور جي هڪ پن??هگاهه ۾ رهندڙ حمزه ٻڌايو ت?? هو هتي مزدوري جي لاءِ آيو آهي ۽ رات گذارڻ جي لاءِ داتار درٻار ويجهو قائم پن??هگاهه ۾ رهائش پذير آهي، هن ا??هن رهائشگاهن ۾ بيڊ، وهاڻي، گرم ڪمپل ۽ ان کانسواءِ معياري کاڌي ۽ ٻيون فراهم ڪيون ويندڙ سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ت?? پاڪستان بيت المال ا??هن پناهگاهن ۾ صفائي سٿرائي جو ت??ام سٺو انتظام ڪيو آهي ۽ هتان جو عملو به پن??هه وٺندڙ ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ ۾ مڪمل تعاون ڪري ٿو. هن چيو ت?? اڳ ۾ غريب ماڻهو سخت موسم ۾ فوٽ پاٿن تي سمهندا هئا پر هاڻي ??هي آرامده بسترن تي مزي سان رات گذارين ٿا جيڪا غريبن جي لاءِ هڪ تمام وڏي سهولت آهي. هن چيو ت?? بطور پاڪستاني اها اسان جي به ذميواري آهي ته اسان ا??هن پناهگاهن کي پنهنجو گهر سمجهندي هتان جي قاعدن ۽ ضابطن جي پابندي ڪريون ۽ صفائي سٿرائي، ڪورونا ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد ڪريون.
ڪوئيٽا سان تعلق رکندڙ هڪ شهري شير علي ٻڌايو ت?? هو ڪوئيٽا کان مزدوري ڪرڻ جي لاءِ هتي لاهور ۾ آيو آهي ۽ وٽس رهڻ جي لاءِ ڪا سهولت نه هئي پر موجوده حڪومت پاران پن??هگاهن جي صورت ۾ غريب عوام جي لاءِ هڪ بهترين رهائشي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ت?? بي گهر، پورهيت ۽ غريب ماڻهن جي لاءِ هي تمام سٺو قدم آهي. هن چيو ت?? هي رڳو پي ٽي آءِ جو ئي ڪارنامو آهي ج??هن ان منصوبي کي عملي جامعو پارايو آهي ج??هن جو مثال ماضي ۾ نه ٿو ملي.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پاران معاشري جي ضرورتمند ۽ مستحق طبقي کي پن??هگاهه جهڙي بنيادي سهولت يقينن هڪ بهتر ۽ وقت سر قدم آهي جيڪو خاص طور تي ڪمزور طبقن جي ڀلائي ۽ انسانيت جي فلاح ذريعي اسلامي فلاحي رياست جي خواب کي تعبير ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندو.