سرگوڌا – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت 1 هزار 175 گهرن جي تعمير جي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇ??يو. سرگوڌا ۾ 6 جاين تي ٽي مرله ج?? گهٽ لاڳت وار?? گهر تعمير ٿيندا، پنجاب حڪومت ان منصوبي جي لاءِ زمين ۽ ٻيون سهولتون ڏيندي. ان منصوبي تي ڪم فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (ايف ڊبليو او) ۽ نيشنل لاجسٽڪ سيل گڏيل طور تي ڪندا. پنجاب بئنڪ ان منصوبي جي لاءِ مس??حق ماڻهن کي مورگيج جي سهولت ڏيندي جيڪي ان جي قسط ڏئي سگهندا.