اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ اعتم??د جي قرارد??د جي منظوري کانپوءِ ڳالهائيندي بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا وزيراعظم کي اعتم??د جو ووٽ وٺڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هن اڳ کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا آهن. اتحادين وزيراعظم تي اعتم??د جو اظهار ڪيو آهي اها خوش آئنده ڳالهه آهي. اتحادي پا??ٽيون ڪنهن به حڪومت جي تمام وڏي طاقت هونديون آهن. هن چيو ته اسان گلا ش??وا بند ڪمري ۾ ڪنداسين پر جڏهن به جمهوريت جي ڳالهه ايندي ته توهان اتحادي پا??ٽي?? کي پاڻ سان گڏ ڏسندا، وزيراعظم کي اعتم??د جو ووٽ حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته بلوچستان ۽ سنڌ جي پٺتي پيل علائقن طرف ڌيان ڏنو وڃي، چونڊ، عدالتي، پوليس ۽ ايف بي آر سڌارا وقت جي اهم ضرورت آهن، وزيراعظم، مخالف ڌر اڳواڻ سميت سمورين سياسي پا??ٽين جي سربراهن جي عزت ۽ توقير ڪئي وڃي ۽ پا??ليامينٽ کي قاعدن تحت هلايو وڃي ته جيئن هن اداري تي عوام جو اعتماد بحال ٿئي. هن چيو ته سينيٽ اليڪشن جي اعلان کانپوءِ جيڪو ماحول پيدا ٿيو اسان چاهيو پئي ته اهي اليڪشن صاف ۽ شفاف ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن هڪ مڪينزم ان حوالي سان اختيار ڪيو وڃي ها ته اسا?? کي عدالتن جو رخ نه ڪرڻو پوي ها نه ئي اها صورتحال درپيش ٿئي ها. هن چيو ته پا??ليامينٽ ۽ شفافيت کي مضبوط ڪرڻ ضروري آهي. ميثاق جمهوريت جي اها ئي گهرج هئي ته شفاف چونڊن جي حوالي سان بل پا??ليامينٽ مان منظور ٿئي ها.