اسلام آباد – 25 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان ترقي جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي لاءِ 5 نقاطي ايجنڊا جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته وبا جي خاتمي تائين غريب ملڪن جا قرض ملتوي ڪي?? وڃن، اسرندڙ ملڪن جي لاءِ 500 ارب ڊالر جا امدادي فنڊز جو قي??م ع??ل ۾ آندو وڃي، ويڪسين جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يق??ني بڻايو وڃي، وبا جي خاتمي تائين قرضي ملڪن جي قرضن ۾ رعايت ڏني وڃي. گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ واپار ۽ ترقي بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته دنيا کي اڄ بي پناهه صحت ۽ معاشي بحران درپيش آهن، جيڪڏهن ڪورونا وائرس امير ۽ غريب جي وچ ۾ ڪو فرق نه ٿو ڪري پر ان سان پٺتي پيل طبقن ۽ غريب ملڪن کي سڀ کان متاثر ڪيو آهي، لکين ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ اچي ويا آهن.