اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) و??اق?? حڪومت بلوچستان جي پوئتي پيل ڏاکڻين ضلعن لاءِ وڏي ترقياتي پيڪيج جو اعلان ??يو آهي جنهن تحت انهن ضلعن ۾ بجلي، گئس ۽ رستن جي سهولت جي فراهمي لاءِ ٽي سا??ن ۾ 600 ارب روپيا خرچ ڪيا ويندا، انهن ضلعن ۾ نيشنل گرڊ ۽ ٻين ذريعن مان بجلي فراهم ڪئي ويندي، جيڪي ماڻهو مهانگي گئس نٿا خريد ڪري سگهن انهن جي احساس پروگرام تحت مدد ڪنداسين، پيڪيج تحت 16 نون ڊيمن جي تعمير سا?? هڪ لک 50 هزار ايڪڙ زمين آباد ٿيندي، گلگت بلتستان جي عوام تحريڪ انصاف تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، ان علائقي جي لاءِ به جامع ترقياتي پيڪيج ڏنو ويندو، اندروني سنڌ ترقي جي لاءِ جامع حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهيا آهيون، ڪراچي جي لاءِ به پيڪيج ڏنو آهي، پي ڊي ايم جو بيانيو ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار آهي، عوام جي مسئلن تي ڳالهين لاءِ اسان جا دروزا کليل آهن پر اين آر او نه ملندو. اطلاعات ۽ نشريات و??اق?? وزير سينيٽر شبلي فراز، مواصلات واري وزير مراد سعيد، دفاعي پيداوار واري و??اق?? وزير زبيده جلال سان ??ڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري و??اق?? وزير اسد عمر چيو ته وزيراعظم عمران خان پهريون وزيراعظم آهي جنهن گذريل ڏينهن تربيت جو دورو ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب حڪومت جي ذميداري آهي ته ملڪ ۽ معاشري جي ڪمزور ترين طبقن کي سهارو ڏنو وڃي، هن چيو ته و??اق?? حڪومت بلوچستان جي ڏاکڻين ضلعن جي ترقي جي لاءِ جيڪو پيڪيج ڏنو آهي ان ۾ اتي جي سڀ کان وڏين ضرورتن جو خيال رکيو ويو آهي، اتي جي نوجوان آبادي جو وڏو حصو آهن، اتي زراعت به هڪ وڏو ذريعو آهي جنهن جي لاءِ پاڻي جي ضرورت هوندي ۽ ان جي لاءِ اتي ڊيم ٺاهڻ هڪ ضرورت آهي، انهن علائقن جي مجموعي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ترقياتي حڪمت عملي تي عمل پيرا آهيون.