اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته چين سان دوستاڻي لاڳاپن تي پوري پاڪستاني قوم ۽ سياسي قيادت هڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪ?? جي عوام جون دليون هڪٻئي سان گڏ ڌڙڪنديون آهن، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن چي?? جي عهدو ڇڏيندڙ سفير يائو جنگ جي ??عزاز ۾ ڏنل آجياڻي جي موقعي تي ڪيو، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته چين سان مضبوط لاڳا اسا?? جي پرڏيهي پاليسي جو اهم حصو آهن ۽ پاڪستان ۽ چي?? جي دوستي تاريخي ۽ مثالي آهي، هن چي وته سمورا ادارا ۽ سياسي قوتون چين سان لاڳاپن تي متحد آهن ۽ سي پيڪ ٻنهي ملڪ?? جي لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ بدلائي ڇڏيو ۽ بيلٽ اينڊ روڊ منصوبو ۽ سي پيڪ خطي جي ??رق?? جو لنگهه آهي.