اسلام آباد – 28 ج??ن (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان سمارٽ لاڪ ڊائون سان صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. عالمي انگريزي رسالي جنهن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون کي ڪورون?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مستقبل جي حڪمت عملي قرار ڏنو آهي ان جي رپورٽ تي تبصرو ڪندي ٽوئيٽر پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته سمارٽ لاڪ ڊائون اختيار ڪندڙن ۾ منهنجي ٽيم سرفهرست آهي. مون کي فخر آهي ته ڪورونا سبب پيدا ٿيندڙ بحراني ڪيفيت ۾ ملڪ کي صحيح رخ ۾ رکڻ جي لاءِ اهي تدبيرون منهنجي ??م آيون. اڄ کان جيڪڏهن اسان ايس او پيز تي عمل ڪر??ون ٿا ته بحران جي سنگيني مان ڇوٽڪارو حاصل ڪر?? وٺنداسين، انشاءَ الله.