اسلام ??باد – 26 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ ان ڏس ۾ تجويز ڪيل قانون سازي جي عمل ??ي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اقليتن جي حقن جو تحفظ ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ هڪجهڙن موقعن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ت??جيح آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ت??ريڪ انصاف سان ت??لق رکندڙ اقليتي برادري جي قومي اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ ميمبرن ۾ جئه پرڪاش، شنيله رٿ، لعل چند، رميش ڪمار ۽ جمشيد ٿامس شامل هئا، ان موقعي تي مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير نور الحق قادري ۽ پاڪستان ت??ريڪ انصاف جو قومي اسيمبلي ۾ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر به موجود هئا.