اسلام آباد ?? 22 ??پريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آ??ي ته حفاظتي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي حوالي سان موثر عوامي آگاهي مهم کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها هدايت هن اطلاعات ۽ ن??ري??ت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان ملاقات دوران ڪئي. ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ اطلاعات واري وزارت پاران ڪ??رونا وائرس جي حوالي سان عوامي آگاهي مهم خاص طور تي رمضان مهيني ۾ حفاظتي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي حوالي سان عوام کي ترغيب ڏيڻ جي حوالي سان جوڙيل حڪمت عملي تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني.