اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پنجاب ۾ صحت سميت ??ين شعبن کي نظرانداز ڪرڻ ??ي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف ۽ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي لاپر??اه?? تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ماڻهن کي تازي ڪرونا جي وبا تي اسپتالن سميت صحت جي ادارن جي کوٽ سبب سهولتون حاصل ڪرڻ ۾ تمام گهڻي پريشاني کي منه?? ڏيڻو پئجي رهيو آهي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اڳوڻو وڏو وزير شهباز شريف ملڪ ۾ موذي وبا جو فائدو کڻندي پاڻ کي سياست ۾ زندهه رکڻ جي لاءِ قوم کي گمراهه ڪرڻ ۽ چالون هلڻ کان پاسو ڪري، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن کي قومي ناڻي کي ڦرڻ ۽ صحت سميت ??ين ادارن کي تباهه ڪرڻ ??ي حوالي سان نيب جي سوالن جا جواب ڏيڻ گهرجن.