اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس ??اشق اعواڻ مخا??ف ڌر کي اپيل ڪئي آهي ته اها ڪرونا ??ائرس وبا جي پکيڙ کي روڪڻ ۽ تحفظ جي لاءِ سياست کي پٺتي رکي حڪومت جو ساٿ ڏي، اميد هئي ته فارن اڪائونٽس مان فائدو کڻندڙ شريف ڀائرن جي وطن واپسي جو اعلان ٿيندو پر (ن) ليگ وارن ميڊيا آڏو بي وقتائتو راڳ آلاپيو آهي، لنڊن ۾ ويهي هر قسم جي فيشني ٽوپي پائي بيان ڏيڻ بدران ملڪ واپس اچڻ جي تاريخ جو ٻڌائين. ميڊيا بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪرونا ??ائرس هڪ عالمي چئلينج آهي جيڪڏهن مخا??ف ڌر ان تي به سياست ڪري ٿي ته اها انهن جي پنهنجي ذهني پسماندگي آهي.