اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته هر مسلمان عورت جو رول ماڊل ح??رت فاطمه الزهرا رضه جي سيرت طيبه ۽ امهات المومنين جهڙي??ن جليل القدر هستيون آهن، اسلامي تاريخ جا اهي روشن ڪردار اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ موجوده حڪومت عورتن جي هر قسم جي استحصال جي خلاف آهي ۽ ان جي آئيني، قانوني، سياسي، سماجي ۽ معاشي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، خات??ن جي عزت ۽ وقار ان جي سڀ ڪجهه آهي، ميڊيا يا ڪنهن به فورم تي عورتن جي توهين ۽ تذليل ناقابل قبول رويو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ??نه??جي ٽوئيٽ ۾ ڪيو.