اسلام آباد – 26 نومبر (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران ??ان جي صدارت ۾ حڪومتي معاشي ٽيم جو اجلاس ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايڪسپورٽرز جي رهتن جي ادائيگي جي حوالي سان ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ان ڏس ۾ ڪاروباري برادري کي ڪنهن ڏکيائي کي منهن نه ڏيڻو پوي. وزيراعظم چ??و ته معيشت جي بهتري لاءِ ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو اهميت رکندڙ آهي، ان ڏس ۾ ايڪسپورٽرز کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ ۽ ان کي درپيش مسئلا ختم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.