لنڊن – 01 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني لنڊن ۾ فارين، ڪامن ويلٿ اينڊ ڊولپمنٽ ??فيس (ايف سي ڊي او) ۾ برطانيا جي پارلياماني ميمبر ۽ ڏکڻ ايشيا بابت مملڪتي ??زير هميش فالڪنز سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ??اڪستان جو هاءِ ??مشنر ڊاڪٽر محمد فيصل پڻ موجود هو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق سينيٽ چيئرمين هميش فالڪنز کي وزير طور مقرري تي ??بارڪون ڏنيون. سينيٽ چيئرمين ٻنهي ملڪن جي مفادن کي اڳتي ??ڌائڻ لاءِ هڪ مضبوط شراڪتداري جي اهميت تي زور ڀريو. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڪردار کي پڻ اجاگر ڪيو. سينيٽ چيئرمين اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ ويجها لاڳاپا اسٽريٽجڪ شراڪت ۾ تبديل ٿي ويندا. سيد يوسف رضا گيلاني برطانيا سان اقتصادي، دفاعي ۽ واپاري شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام لاءِ ??ڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن مطابق ڄمون ڪشمير جي تڪرار جي حل جي اهميت تي ??ڻ زور ڀريو. سينيٽ چيئرمين غزه جي سنگين انساني صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوري جنگ بندي ۽ فلسطين تڪرار جي حل تي زور ڀريو. برطانوي مملڪتي ??زير هميش فالڪنز ايف سي ڊي او جي دوري تي سينيٽ چيئرمين جو ٿورو مڃيندي واپار ۽ سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، تعليم، سماجي ۽ اقتصادي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي و??يڪ هٿي ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي پاڪستان ۽ برطانيا جي شراڪتداري کي اڳتي ??ڌائڻ لاءِ پاڪستان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. هن 2010ع ۾ ملتان ۾ آيل ٻوڏ جي موقعي تي ??نهنجي دوري کي پڻ ياد ڪيو.