اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته شريف في??لي طرفان جمع ڪرايل قطري خط، ٽرسٽ ڊيڊ ۽ گلف اسٽيل جي مشينري منتقلي بابت ثبوتن جي تصديق ۽ لاڳاپيل فرم سان رابطو ئي نه ڪيو ويو، جي آءِ ٽي ڪيس ۾ شريف في??لي جي انهن ٽنهي دستاويزن کي ثبوت طور شامل ئي نه ڪيو ويو. هو احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائي رهي هئي، مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته گذريل ٽن ڏينهن اندر واجد ضياءُ جيڪي بيان رڪارڊ ڪرايا آهن ان تي شريف في??لي جي ??ڪي?? خواجه حارث جرح ڪري رهيو آهي ان ۾ هي واضح ٿي چڪو آهي ته شريف في??لي طرفان مني ٽريل سان پيش ڪيل قطري خط، ٽرسٽ ڊيڊ ۽ گلف اسٽيل جي مشينري منتقلي جي دستاويزن تي ڪنهن قسم جو ايم ايل اي جمع ناهي ڪرايو ويو، هن چيو ته هي ٽهي مرڪزي ثبوت هئا انهن ٽنهي کي پاڻ ئي سمجهيو ويو ته هي جعلي آهن، انهن جي ڪا تصديق نه ڪئي وئي.