اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر هڪ کي اظهار راءِ، شڪايت ۽ تنقيد جي آزادي حاصل آهي، آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت اليڪشن ڪ??يش?? صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي ل??ءِ پنه??جي ذميواري پوري ڪندي. اها ڳالهه هن صحافين سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير 90 ڏينهن ۾ چونڊن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو ته آئين جي اندر 280 آرٽيڪل موجود آهي، آئين ۾ رڳو 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو آرٽيڪل نه آهي، ان ۾ آرٽيڪل 254 به موجود آهي، اُن کي به پڙهيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان ۾ هر هڪ کي اظهار راءِ، شڪايت ۽ تنقيد ڪرڻ جي آزادي حاصل آهي، جيڪا آزادي پاڪستان پيپلزپ??رٽ?? ۽ ٻين پ??رٽ??ن کي حاصل آهي اها مسلم ليگ (ن) کي به حاصل آهي، ان وٽ به شڪايت ڪرڻ جو اختيار موجود آهي. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت اليڪشن ڪ??يش?? صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي ل??ءِ پنه??جي ذميواري پوري ڪندي ۽ اسان ان جي مدد ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنه??جي گڏيل عرب امارات جي دوري جي حوالي سان گذريل رات عوام کي وڊيو پيغام ذريعي آگاهه ڪيو، نگران وزيراعظم جي دوري دوران معاهدي ۽ مفاهمت جي ياداشتون طئي ٿينديون ته ان حوالي سان ميديا کي آگاهي ملي ويندي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سان من??نجو احترام جو رشتو آهي، انهن جي بيانن تي تبصرو نٿو ڪري سگهان.