اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سوئيڊن ٻطرفي تعاون جي رفتار تي اعتماد جو اظهار ڪندي ايندڙ سال پاڪستان ۽ سوئيڊن سفارتي ??اڳ??پا قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه ملهائڻ، ٻطرفين ڳالهين، گڏيل رابطن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪ??و. ??رڏ??هي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان ۽ سوئيڊن جي ٻطرفي سياسي مشاورت جو 17 هون دور اسٽاڪ هوم ۾ ٿيو. ايڊيشنل ??رڏ??هي سيڪريٽري (يورپ)، سفير شفقت علي خان پاڪستاني وفد جڏهن ته سوئيڊن پاران ڊائريڪٽر جنرل ۽ گلوبل ڊپارتمينٽ جي سربراهه ڊيگ جوهلن ڊينفيلٽ ۽ وقتي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ فار ايشيا اينڊ پيسفڪ آسڪر سلائيٽ گڏيل قيادت ڪئي. سوئيڊن جي ??رڏ??هي وزارت سفير شفقت خان ??رڏ??هي معاملن بابت سيڪريٽري جان ناٽسن سان پڻ ملاقات ڪئي. ڌرين سياسي، اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري ۽ تعليم سميت ٻطرفن ??اڳ??پن جي سمورن شعبن جو جائزو ورتو. ايڊيشنل ??رڏ??هي سيڪريٽري يورپي يونين جي صدارت جو مدو ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ تي سوئيڊن کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان قابل تجديد توانائي، سسٽين ايبل ٽيڪنالاجيز، ويسٽ مئنيجمينٽ، آئي سي ٽي ۽ آر اينڊ ڊي ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن وڌيڪ سوئيڊش ڪمپنين پاران پاڪستان ۾ ڪاروبار جي لاءِ سازگار ماحول مان فائدو کڻڻ جي آجيان ڪئي ۽ سوئيڊن جي عملدارن مضبوط اقتصادي ۽ سياسي تعاون تي ٻڌل وسيع البنياد ٻطرفا ??اڳ??پا قائم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪ??و. ??نهي ڌرين اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي سفير شفقت علي خان سوئيڊن کي افغانستان ۽ ڀارت سميت ڏکڻ ايشيا ۾ سلامتي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني جنهن ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪيو ويو. سوئيڊن پاڪستان کي يورپي يونين جي صدارت، نورڊڪ ريجن ۽ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪ??و. ??نهي ڌرين گڏيل قومن سميت عالمي فورمز تي تعاون جي سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ هڪ ٻئي جي حمايت جاري رکڻ تي اتفاق ڪ??و. ??نن ٻطرفي ??اڳ??پن جي رفتار کي برقرار رکڻ جي لاءِ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي پڻ اتفاق ڪ??و. ??اڪستان سوئيڊن ٻطرفي سياسي مشاورت جو ايندڙ دور اسلام آباد ۾ ٿيندو.