اسلام آباد-01 نومبر (اي پي پي)وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان پاڪستان ۾ جمهوريه ترڪيه جي سفير مهمت پچاچي جي سربراهي ۾ هڪ اعليٰ اختياراتي ??فد سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وفاقي وزير مدد علي سنڌي ??فد جي آجيان ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جو ثقافتي، لساني ۽ عوام وچ ۾ هڪٻئي سان محبت جو رشتو آهي، هن ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ جي حوالي سان مهارت ۽ علم جي مٽاسٽا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ٻئي ملڪ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا، هن ٻنهي ملڪن وچ ?? پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي تسليم ڪيو ۽ ان ??ي واکاڻ ڪئي.مدد علي سنڌي استادن ۽ شاگردن جي مٽاسٽا جي آجيان ڪئي ۽ خاص طور تي هنرمند پيشيوراڻي تربيت لاءِ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏني وڃي. وفاقي وزير چيو ته قائداعظم يونيورسٽي ۽ ٻين يونيورسٽين جي پروفيسرن کي گڏيل دلچسپي جي موضوعن تي تحقيق ڪرڻ لاءِ ريسرچ فيلوشپ جي آڇ ڪنديون. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جا نمايان ??مڪان موجود آهن، ترڪيه جي سفير وفاقي وزير کي پراڻي مذهبي ۽ ثقافتي مينيو اسڪرٽپس جي بحالي ۽ تحفظ جي باري ۾ ٻڌايو. مدد علي سنڌي ان منصوبي کي ساراهيندي چيو ته سندس وزارت ان منصوبي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، هن ان ??لسلي ۾ سنڌي لينگوئيج اٿارٽي جي ڪردار تي روشني وڌي. هن چيو ته TIKA کي ان ??لسلي ۾ پنهنجي دائري ڪار کي وڌائڻ لاءِ صوبائي تنظيمن سان ??ه تعاون ڪرڻ گهرجي. اين ايس يو ۾ سينٽر آف هاسپيٽيلٽي جي تعمير به ٿيندي جنهن کي ترڪيه ۾ ڪووڊ ۽ زلزلي سبب روڪيو ويو هو.