بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) ترقي ۽ خوشحالي ۽ خطي جي لاءِ گيم چينجر منصوبو آهي، سي پيڪ ??ي آر آئي جو فليگ شپ منصوبو آهي، پاڪستان ۾ سي پيڪ ۾ ٻين ملڪن ۽ حصيدارن جي آجيان ڪندو، دنيا کي ماحولياتي تبديلي، غذائي تحفظ ۽ وبائن جو چئلينج درپيش آهي، گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جي منصوبن ۾ ئي انسانيت جي ڀلائي آ??ي. ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ جي اعليٰ سطحي فورم کي خطاب ڪندي هن چيو ته بي آر آئي فورم ۾ شرڪت تي تمام گهڻي خوشي آ??ي. بيلٽ اينڊ روڊ جي تصور تي صدر شي کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، بي آر آئي ترقي ۽ خوشحالي جو منصوبو آهي، بي آر آئي ۽ سي پيڪ کي 10 سال مڪمل ٿي ??ڪا آهن. عوامي سطح تي رابطن ۽ معاشي ترقي کي بي آر آئي سان فروغ مليو آهي. هن چيو ته ٺو?? رابطنا ئي عوام جي خوشحالي جو سبب بڻجن ٿا. هن چيو ته چين جي ترقياتي ماڊلز کان تمام گهڻو متاثر آهيون، دنيا کي ماحولياتي تبديلي، غذائي تحفظ ۽ وبائن جا چئلينج درپيش آهن. ٽرانسپورٽيشن، توانائي ۽ ڊيجيٽل فرق جي خاتمي لاءِ عالمي سيڙپڪاري ضروري آ??ي. هن چيو ته 2013ع ۾ پاڪستان ۾ بي آر آئي جي فليگ شپ منصوبي سي پيڪ ??ي شروعات ٿي. سي پيڪ ??حت 25 ارب ڊالر جا 50 منصوبا مڪمل ٿي ??ڪا آهن، سي پيڪ منصوبن سان پاڪستان ۾ 8 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آ??ي ۽ 10 هزار ميگاواٽ جا منصوبا پڄاڻي هيٺ آهن. هن چيو ته گوادر م عالمي ايئرپورٽ جلد فعال ٿي ويندو. ٺو?? سڌاراجاتي رابطن جي ذريعي زراعت ۽ صنعت ترقي ڪندي. هن چيو ته ڪروڙين ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ تي چيني قيادت خراج تحسين جي مستحق آهي. پاڪستان سي پيڪ ۾ ٻين ملڪن ۽ حصيدارن جي آجيان ڪندو.