اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني غزه جي الاهلي پاپسٽ اسپتال تي اسرائيلي حملي تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اها ڳ??لهه واضح آهي ته اسرائيل پاران غزه ۾ اسپتال تي ڪڌو حملو پ??هنجي دفاع جو عم?? نه آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ ه?? چيو ته اهو حملو عالمي انساني قانونن جي خلاف ورزي اهي، جن??ن ۾ معصوم بارن، عورتن، ڊاڪٽرن، طبي عملي ۽ پناهه وٺندڙ بي گهر شهرين کي نشانو بڻايو ويو آهي. اها ڳ??لهه ذڪر جوڳي آهي ته نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب جي شهر جده ۾ آهي، جن??ن جو مقصد غزه جي بحران ۽ اتان جي محصور شهرين جي انساني صورتحال جو جائزو وٺڻ آهي. هي اجلاس پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل طور تي گهرايو آهي. ان کان اڳ نگران پرڏيهي وزير او آءِ سي جي ملڪن جي پنهنجي هم منصبن جن??ن ۾ مصر، ايران، ترڪيه ۽ گڏيل عرب امارات جا پرڏيهي وزير شامل آهن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي.