اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان کي غز?? ۾ جاري تشدد ۽ جاني نقصان تي گهري ڳڻتي آهي، اسان فلسطين جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جي لاءِ انهن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ غز?? ۾ فوري جنگ بندي ۽ گهيراءُ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا. وز??راعظم آفيس پاران جاري ٽوئيٽ موجب نگران وز??راعظم چيو ته اسرائيل جو غز?? ۾ شهرين کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ تهذيب جي سمورن اصولن جي خلاف ۽ عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته تشدد جي خاتمي کي فلسطيني سرزمين تي سالن جي ڏاڍ ۽ غيرقانوني قبضي ۽ ان جي عوام جي خلاف جابراڻي پاليسين جي ڏس ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي. گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کي گهيريل غز?? تائين فوري طور تي گهربل امدادي سامان جي چرپر جي لاءِ محفوظ ۽ غيرمحدود انساني لنگهه کولڻ جي لاءِ ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان غز?? جي تيزي سان خراب ٿيندڙ صورتحال تي او آءِ سي ۽ ان جي ميمبر ملڪن سان ويجهي رابطي ۾ آهي. نگران پرڏيهي وز??ر جليل عباس جيلاني 18 آڪٽوبر تي او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي هنگامي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ غز?? جي ماڻ??ن جي تڪليفن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري قدمن تي زور ڏيندو.