اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مذهبي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي وڌيڪ متحرڪ ٿيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين قبلا اياز سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي قبلا اياز نگران وزيراع??م کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پاڪستان جي ??رپ??ر نمائندگي ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪي??. ا??لامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين نگران وزيراع??م کي ملڪ ۾ مذهبي هم آهنگي جي موجوده صورتحال کان آگاهه ڪيو. هن نگران وزيراع??م کي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي مجلس عامله جي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. نگران وزيراعظم چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل ملڪ ۾ مذهبي هم آهنگي ۽ امن امان برقرار رکڻ جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪندي رهي آهي، ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ م مذهبي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي وڌيڪ متحرڪ ٿيڻو پوندو.