اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي ??يڪ??يٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي سڀاڻي جمعي ڏينهن ٿيندڙ 30 هين وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پرڏيهي ??يڪ??يٽري اجلاس ۾ ايشيا پيسفڪ جي لاءِ ڳڻتي جي سياسي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪندو. هن چيو ته پرڏيهي ??يڪ??يٽري اي آر ايف ۽ خطي جي ملڪن سان وسيع حصيداري جي لاءِ علائقائي تعاون ۽ مڪالمي جي پاڪستان جي خواهش جو خاڪو پيش ڪندو. ڊاڪٽر اسد مجيد خان آسيان ريجنل فورم جي 30 هين وزارتي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ جڪارتا انڊونيشيا ۾ آهي. ان کان اڳ پرڏيهي ??يڪ??يٽري جڪارتا ۾ ٿائيلينڊ جي هم منصب ۽ آسيان جي ڊپٽي ??يڪ??يٽري جنرل سان ملاقاتون ڪيون. هو انڊونيشيا جي صدر کانسواءِ پرڏيهي وزير ۽ انڊونيشيا جي سياسي، قانوني ۽ سيڪيورٽي معاملن جي رابطن واري وزير سان پڻ ملاقات ڪندو. پرڏيهي ??يڪ??يٽري جي ويٽنام ۽ تيمورليسٽي جي پرڏيهي وزيرن ۽ ملائيشي?? ۽ ??رطانيا جي پرڏيهي ??يڪ??يٽرين سان پڻ ملاقات جو امڪان آهي.