اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري آفيسرن تي زور ڏن?? آهي ته اهي ملڪ ۾ گڊ گورننس جي فروغ ۽ ماڻهن کي خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا مان آيل سرڪاري آفيسرن تي ٻڌل مڊ ڪيريئر مئنيجمينٽ ڪورس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر بيوروڪريسي پاران خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ جي ضر??رت تي زور ڏن?? ۽ چيو ته بيوروڪريسي ملڪي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ محنت ۽ اخلاص سان ڪم ڪري، ملڪي ترقي ۽ ماڻهن کي انصاف جي فراهمي لاءِ سرڪاري عملدارن کي وقت سر فيصلا وٺڻ جي ضر??رت آهي. هن چيو ته اسان کي بهتر اخلاق ۽ انڪسار?? جي قدرن کي اختيار ڪرڻ جي ضر??رت آهي. صدر چيو ته پاڪستاني بيوروڪريسي کي نظام بهتر بڻائڻ ۽ فڪري صلاحيت ۾ اضافو ڪرڻو پوندو، ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ موثر فيصلاساز?? جي لاءِ آفيسر پاڻ کي جديد مهارتن سان ليس ڪن جڏهن ته عوام جي خدمتن تائين پهچ بهتر بڻائڻ ۽ ادارن جي ڪارڪردگي وڌائڻ جي لاءِ جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي مان فائدو کنيو وڃي. صدر چيو ته سرڪاري عملدار پاڻ کي پنهنجي شعب?? جي جديد مهارتن سان ليس ڪن ۽ تيز رفتار ترق?? جي لاءِ ماڻهن جي اميدن موجب خدمتن جي فراهمي ??قي??ي بڻائين.