اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ت?? هو گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مو??ب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته 4 جون تي جارحيت جو شڪار معصوم ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. هن چيو ته هي ڏينهن اسان کي ڪشميري ٻارن جي خراب حالت جي ياد ڏياري ٿو جيڪي ڀا??تي فوج جي مسلسل گهيراءُ ۽ وحشياڻي ڏاڍ جي ڪري مسلسل مشڪلاتن جو شڪار آهن. ترجمان چيو ته ڪشميري ٻارن جي هڪ پوري نسل خوف، تشدد ۽ ڏاڍ جي ماحول ۾ وڏي ٿي آهي، ڪشميري يتيم ٻار معاشي مشڪلاتن، اڪيلائپ ۽ نفسياتي صدمي جو پڻ شڪار آهن. هن چيو ته ڀا??تي فورسز پاران پيلٽ، گولين ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي گولن سان هڪ وڏي انگ ۾ شاگرد ٻار زخمي ٿيا، انهن مان ڪيترائي اکين جي نور کان مڪمل يا جزور طور تي محروم ٿي چڪا آهن. هن چيو ته گڏ??ل قومن ڀا??ت تي زور ڏنو آهي ت?? هو ٻارن جي تحفظ جي لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪري جن ۾ ٻارن جي خلاف ڇَرن جو استعمال بند ڪرڻ پڻ شامل آهي. ترجمان چيو ته اسان ڀا??ت تي زور ڏيون ٿا ته هو ان مطالبي ت?? عمل ڪري ۽ ڪشمير جي ٻارن کي تشدد، بي گهر ٿيڻ ۽ صدمي کان بچائي. ترجمان ان عزم جو ڀرپور ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مو??ب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين ڀا??رن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.