اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پاڪستان سرينگر ۾ جي – 20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي چين، سعودي عرب، ترڪيه، مصر ۽ اومان کي شاندار لفظن ۾ ساراهيندي چيو آهي ته اهي ملڪ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي بالادستي جي لاءِ بيٺل آهن، پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڪشميري عوام جي انهن جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي منصفاڻي جدوجهد جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ جي – 20 ٽوئرازم ورڪنگ گروپ جي اجلاس جي ميزباني ڪرڻ جي ڀارتي ??دم کي رد ڪندي چيو ته ڄ??ون ۽ ڪشمير عالمي طور تي ??ڃيل تڪراري علائقو آهي، اهو تڪرار 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي ??وجود آهي، ان پس منظر ۾ ڀارت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن، گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ عالمي قانون کي مڪمل طور تي ??ظرانداز ڪندي پنهنجي غيرقانوني طور تي ??بضي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ ان اجلاس جي ميزباني ڪئي. ترجمان چيو ته جي – 20 اجلاس جو تڪراري علائقي ۾ منعقد ٿيڻ ڀارت جي غيرقانوني طور تي ??بضي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪشمير جي ماڻهن سان غداري آهي، گذريل 7 ڏهاڪن کان هو ان انتظار ۾ آهن ته عالمي برادري انهن جي خراب حالت تي ڌيان ڏي ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جو خاتمو ڪري. هن چيو ته مقامي آبادي کي يرغمال بڻائي ۽ انهن کي انهن جي حقن ۽ آزادي کان محروم ڪري سياحت ۽ ترقي کي فروغ نه ٿو ڏئي سگهجي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته سرينگر ۾ جي – 20 اجلاس منعقد ڪرڻ سان ڀارت والاريل ڪشمير ۾ پنهنجي غيرقانوني قبضي ۽ ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جي حقيقت کي نه ٿو لڪائي سگهي. هن ڀارت پاران ڪشمير ۾ حالتون معمول تي اچڻ جي دعويٰ کي رد ڪندي چيو ته تلخ حقيقت اها آهي ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي ??بضي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪشمير زمين تي سڀ کان وڏي فوجي علائقن مان هڪ آهي. هن چيو ته سرينگر اجلاس جي ڀرپاسي انتهائي حفاظتي ??دم، وڏي پئماني تي گرفتاريون ۽ مقامي آبادي کي هراسان ڪرڻ نئين آبادياتي علائقي ۾ معمول جي حالتن جي دعوائن جي ترديد ڪن ٿا. ترجمان چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني طور تي ??بضي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ حالتن کي معمول تي آڻڻ جي پٺيان لڪائڻ ۾ واضح طور تي ??اڪام رهيو آهي، جيڪو سرينگر اجلاس ۾ هيٺئين سطح جي نمائندگي ۽ ڪيترن اهم نمائندن جي غيرموجودگي مان ظاهر ٿئي ٿو. هن سرينگر اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي عوامي جمهوريه چين، سعودي عرب، جمهوريه ترڪيه، عرب جمهوريه مصر ۽ سلطنت اومان کي ساراهيندي چيو ته اهي ملڪ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي بالادستي جي لاءِ بيٺل آهن. ترجمان واضح ڪيو ته جي – 20 جو قيام بنيادي طور تي عالمي مالياتي ۽ اقتصادي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪيو ويو هو، ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ علائقي ۾ ان اجلاس کي منعقد ڪري هڪ ٻئي عالمي فورم تي سياست ڪئي آهي ۽ هو پنهنجي مفاداتي ايجنڊا کي اڳتي ??ڌائڻ جي لاءِ موجوده چيئر جي حيثيت سان پنهنجي حيثيت جو ناجائز فائدو کڻي رهيو آهي. هن چيو ته ان بدران ڀارت کي عالمي ميڊيا ۽ آزاد انساني حقن جي تنظيمن کي پنهنجي غيرقانوني طور تي ??بضي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي رپورٽ ڪرڻ جي لاءِ گهرائي بنا روڪ ٽوڪ جي پهچ فراهم ڪرڻ گهرجي ۽ اتي جاري ڏاڍ جو خاتمو ڪرڻ سان گڏوگڏ گڏيل قومن جي ڪميشن آف انڪوائري جي قيام سان اتفاق ڪرڻ گهرجي ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي لاءِ گڏيل قومن جي ن??راني هيٺ ريفرنڊم ڪرائڻ گهرجي ته جيئن اهي پنهنجي مستقبل جو پاڻ تعين ڪري سگهن. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڪشميري عوام جي انهن جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي منصفاڻي جدوجهد جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته 22 مئي تي ??رڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڄ??ون ۽ ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪيو، هو آزاد ڄ??ون ۽ ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪندڙ پاڪستان جو پهريون پرڏيهي وزير آهي. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير پنهنجي خطاب ۾ ڪشميري عوام جي همت کي سلام پيش ڪيو ۽ شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. هن لائين آف ڪنٽرول ويجهو رهندڙ آبادي سان مخلصاڻي همدردي جو اظهار ۽ ڪشميري عوام سان پاڪستان جي پراڻي ڳانڍاپي ۽ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو.