اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خ??ن کي چئلينج ڪيو آهي ته هو عدالت وڃي جنهن جنهن کان خ??رو آهي ثبوت ڏي نه ته پنهن??و وات بند رکي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته فارن ايجنٽ ٻهروپيو آهي جيڪو حالتن موجب اسڪرپٽ ۽ شڪل ٺاهي وٺي ٿو، گرفتاري جي ڊپ ۾ ورتل کٽ جي هيٺ ۽ ضمانت خارج ٿيڻ جي ڊپ کان وهيل چيئر جو ڊرامو رچائي ٿو. هن چ??و ته فارن ايجنٽ جي پيرن تي دٻاءُ نه آهي، ان جي دماغ تي سازشي دٻاءُ آهي. مريم اورنگزيب چ??و ته وهيل چيئر تي ويهي الزام هڻڻ بدران هو عدالت وڃي ثبوت پيش ڪ??ي ته ان جي حياتي کي ڪنهن ڪنهن کان خ??رو آهي. هن چ??و ته عمران خ??ن کي خطرو هاڻي رڳو فارن فنڊنگ، توشه خانه، ٽيريان ڪيس کان آهي ان لاءِ گولي، پلستر، دٻي، وهيل چيئر ۽ اليڪشن جو بهانو بڻائي رهيو آهي. هن چ??و ته عمران خ??ن کي جڏهن به عدالت گهرائي ٿي ته هو گولي، پلستر، معذوري، بالٽي دٻي جو بهانو بڻائي ٿو ۽ هاڻي وهيل چيئر جو ڊرامو رچائي رهيو آهي. هن چ??و ته عمران خ??ن اڳ ۾ ئي پنهنجي حڪومت هٽائڻ جو ملبو آمريڪا تي وڌو، سائفر جي ڊرٽي راند کيڏي، بعد ۾ آمريڪا کان معافي وٺي جنرل باجوه، پوءِ آصف علي زرداري ۽ پوءِ محسن نقوي تي ملبو وجهي ڇڏيو. هن چ??و ته عمران خ??ن چار سال جي ناڪامين ۽ اسيمبليون ٽوڙڻ جو ملبو جنرل باجوه تي وڌو، شهيدن، ادارن ۽ ان جي قيادت جي خلاف اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ غليظ مهم هلائڻ وارو ٻيهر الزام بازي ڪري رهيو آهي. هن چ??و ته عمران خ??ن قوم کي گهرن مان ڪڍڻ کان اڳ پاڻ ته گهر کان ٻاهر نڪري. اڳ ۾ ڪاري بالٽي مان منهن ٻاهر ڪڍڻ جو اعلان ڪري، پوءِ قوم کي ٻاهر نڪرڻ جو اعلان ڪري. هن چ??و ته چ??ف جسٽس جي تصوير تي جوتا هڻڻ جي لاءِ پڻ نڪرڻ جي ڪال عمران خ??ن ڏني هئي.