اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ برطانيا ج?? وچ ۾ لاڳاپا گڏيل تا??يخ ??ي ٻڌل آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخا رابطا ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران وڌ??ڪ مضبوط ٿيا آهن. ڪنگ چارلس ٽئين جي تا?? پوشي جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ برطانيا روانو ٿيڻ کان اڳ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا ج?? وچ ۾ لاڳاپا گڏيل تا??يخ ??ي ٻڌل آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخا رابطا ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران وڌ??ڪ مضبوط ٿيا آهن. وزيراعظم چيو ته برطانوي شاهي خاندان سدائين پاڪستان جو عظيم دوست رهيو آهي. ڪنگ چارلس ٽيُون جي تا?? پوشي جي تقريب ۾ شرڪت کانسواءِ دولت مشترڪه اڳواڻن جي ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪندس. ان موقعي تي عالمي اڳواڻن سان ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ۽ خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو پڻ ملندو.