اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف حڪومت ۾ شامل پارٽين جي قائدين ک?? جدا جدا ٽيليفون ڪيو ۽ انهن ک?? عيد جي مبارڪباد ڏني. پي ايم آفيس جي پريس ونگ موجب وزيراعظم پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ک?? ٽيليفون ڪيو ۽ کيس عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم پيپلزپارٽ?? جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي به ٽيليفون ڪيو ۽ کيس عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي صدر آصف علي، بختار ۽ آصفه جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم بي اين پ?? جي سربراهه سردار اختر مينگل، (ق) ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين، ايم ڪيو ايم جي سربراهه ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، پختونخواهه ملي عوامي پارٽ?? جي سربراهه محمود خان اچڪزئي، قو??ي وطن پارٽ?? جي سربراهه آفتاب احمد خان شيرپائو، جمعيت الحديث جي سربراهه پروفيسر ساجد مير ۽ جمعيت علماءِ پاڪستان جي سربراهه شاهه اويس نوراني کي پڻ ٽيليفون ڪيو ۽ عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم شهباز شريف جماعت اسلام?? جي امير سراج الحق کي پڻ ٽيليفون ڪيو ۽ ان ک?? عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم شهباز شريف چئين گورنرز کي پڻ ٽيليفون تي عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي کي به ٽيليفون ڪيو ۽ کيس عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير، اعظم خان ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي پڻ ٽيليفون تي عيد جي مبارڪباد ڏني.