اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته 9 رڪني بئنچ کان معاملو ٽي رڪني بئنچ تائين پهچي ويو، صوبن ۾ اليڪشن بابت فل ڪورٽ بئنچ ٺاهي وڃي، هڪ ذهني مريض شخص وٽ ماچس اچي ويو آهي جيڪو پوري جنگل ۽ ملڪ کي باهه لڳائڻ چاهي ٿو، اڳ ۾ سائفر لهرائي سازش جي ڪهاڻي ٺاهي، آئين ٽوڙيو، اسيمبلي ٽوڙي، صدر، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر کان آئين شڪني ڪرائي، انهي سپريم ڪورٽ اهو فيصلو ڏنو ه?? ته اها آئين شڪني آهي، جيڪڏهن پاڳل شخص اليڪشن چاهي ٿ?? ته قومي اسيمبلي مان استعيفيٰ ۽ ٻن صوبن جون اسيمبليون ڇو ٽوڙيون. هو صحافين سان ڳالهائي رهي هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? ته پنجاب ۽ خيبرپخوتنخواهه ۾ اليڪشن بابت سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جاري آهي، هي ا??و ڪيس آهي جيڪو 9 معزز ججز جي بئنچ کان شروع ٿيو جيڪو 3 معزز ججز تائين پهچي ويو آهي، ٻئي طرف 4 – 3، 2 – 3 جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، جسٽس اعجازالاحسن جيڪو اڳ ۾ ئي ا?? ڪيس کان معذرت ڪري چڪو آهي، جسٽس اعجازالاحسن ان ڪيس جي ٻڌڻي جو حصو نه هو انهي لاءِ هو عملدرآمد جي فيصلي جو حصو نه ٿو ٿي سگهي، گذريل ڏينهن هڪ اهڙي روايت رکي وئي ته هڪ فيصلي جي مٿان سرڪلر ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿ?? ته ۽ اهو ئي تاثر آهي ته سپريم ڪورٽ جا جيڪي فيصلا آهن اهي ا??رادي فيصلا آهن، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته هڪ معزز جج جو فيصلو رجسٽرار جي سرڪلر تي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. هن چي?? ته هڪ ذهني مريض شخص وٽ ماچس اچي ويو آهي جيڪو پوري جنگل ۽ ملڪ کي باهه لڳائڻ چاهي ٿو، اڳ ۾ سائفر لهرائي سازش جي ڪهاڻي ٺاهي، آئين ٽوڙيو، اسيمبلي ٽوڙي، صدر، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر کان آئين شڪني ڪرائي، انهي سپريم ڪورٽ اهو فيصلو ڏن?? ته اها آئين شڪني آهي، بعد ۾ انهي شخص پنجاب اسيمبلي ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلي ٽوڙي ڇ?? ته انهي شخص کي خبر هئي ته هو پڪڙيو ويو آهي. هن چي?? ته هو عالمي سازش جي ڪوڙ ۾ پڪڙيو ويو آهي، اهو شخص اڳ ۾ چوندو ه?? ته آمريڪي سازش آهي پوءِ چوي ٿ?? ته باجوه نه، نواز شريف نه، شهباز شريف نه پر اها سازش محسن نقوي ڪئي هئي. جڏهن سازش بيانيو، لانگ مارچ، جيل ڀريو تحريڪ ناڪام ۽ پلستر لهڻ جو ٽائيم آي?? ته زمان پارڪ ۾ دهشتگرد پالي پوليس وارن جا مٿا ڦاڙيا، پيٽرول بمن سان حملا ڪيا ويا ان سڀ جو هڪ ئي مقصد آهي ته هي شخص ملڪ ۾ اليڪشن نه ٿو چاهي پر هي ملڪ ۾ لاش ڪيرائڻ چاهي ٿو، جيڪڏهن هي ا??يڪشن چاهيندو هجي ها ته اسيمبليون ڇو ٽوڙي ها، ڇو اسيمبلين تان استعيفائون ڏي ها، هن شخص جي پاڳل پن کي ڪنهن به صورت ۾ سهولتڪاري نه ملڻ گهرجي. هن چي?? ته ڊڪليئر پاڳل شخص رڳو ان لاءِ ڪري رهيو آهي ته آئون ٽيرن جو والد آهيان ۽ مون کي ا?? جو جواب ڏيڻو پوندو، ان شخص کي توشه خانه جو جواب ڏيڻو پوندو. ان شخص کي خبر آهي ته زڪوات جا پئسا مني لانڊرنگ ۽ ??يا??ت ۾ لڳايا، ان شخص کي ا??ا ڳالهه خبر آهي ته مون گهڙيون چوري ڪيون آهن، انهي جي ڪري هي تماشو لڳائي ٿو، اڄ سپريم ڪورٽ جي ا??در جنهن 9 رڪني بئنچ کي ٻڌڻي ڪرڻي هئي ا?? ڇو ٻڌڻي نه ڪئي، هينئر اطلاع ملي آهي ته ٽي رڪني بئنچ جوڙي وئي آهي، جنهن بئنچ کان ججز معذرت ڪري رهيا آهن اها تڪراري ٿي چڪي آهي، پاڪستان جي عوام ڏسي رهي آهي ته ڇا ٿي رهيو آهي. هن چي?? ته اهو نه ٿو ٿي سگهي ته هڪ اهو شخص آهي جنهن کي سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ گهرائي ٿي ته هو عدالتن تي حملا ڪري ٿو، سپريم ڪورٽ کان سيشن جج تائين اهو شخص حملي آور آهي پر ان شخص کي هر عدالت مان ريليف ملي ٿو. هن چي?? ته اڄ ان پاڳل شخص جي سهولت لاءِ ڪو به فيصلو ايند?? ته اهو تڪراري رهندو. هن چي?? ته پارليامينٽ جي ا??در جيڪو قانون منظور ٿيو آهي ا??و ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو اهو پراڻو مطالبو هو، وڪيل برادري ۽ بار ڪائونسلز ۽ عوام جو مطالبو ه?? ته اپيل جو حق هجڻ گهرجي، ججز جي ڪميٽي کي پاڻمرادو نوٽيس، بئنچ جوڙڻ جو فيصلو ڪرڻ گهرجي. هن چي?? ته وڪيلن جي تحفظ جو قانون به وزيراعظم واعدي موجب منظور ڪرايو آهي جنهن تي وڪيلن کي مبارڪباد ڏيون ٿا.