اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 9 اپريل آچر ڏينهن صوبائي اسيمبلين جي چونڊن جو اعلان ڪ??ي ڇڏيو آهي. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب ??در اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن (1) 57 تحت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلين جي لاءِ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو. ??در چيف اليڪشن ڪمشنر کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ايڪٽ جي سيڪشن (2) 57 تحت اليڪشن جو پروگرام جاري ڪيو وڃي. ??در چيو ته هن آئين تحت آئين جي تحفظ ۽ دفاع جو حلف کنيو آهي جيئن ته ڪنهن به عدالتي فورم پاران ڪو منع نامو نه آهي تنهن ڪ??ي سيڪشن (1) 57 تحت ??در جي اختيار جي استعمال ۾ ڪا رڪاوٽ نه آهي. هن چيو ته آئين ۽ قانون 90 ڏينهن کان وڌيڪ جي دير جي اجازت نٿو ڏي، ان لاءِ آئين جي خلاف ورزي کان بچڻ جي لاءِ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪ??ڻ جو پنهنجو آئيني ۽ قانوني فرض ادا ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. ??در چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ج?? گورنرز صوبائي اسيمبلين جي تحليل کانپوءِ 90 ڏينهن جي اندر چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ جي پنهنجي آئيني ذميواري ادا نه ڪر?? رهيا آهن. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان به پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي اسيمبلين جون چونڊون ڪ??ائڻ جي پنهنجي آئيني ذميواري پوريون نه ڪر?? رهيو آهي، ان طرز عمل سان دير ۽ آئيني شقن جي خلاف ورزين جو سنگين خطرو پيدا ٿي رهيو آهي. ??در چيو ته اليڪشن ڪميشن اڳ ۾ ئي آئيني عهديدارن جا نالا پنهنجي مختلف خطن ۾ چونڊن جي امڪاني تاريخن جو اشارو ڏئي چڪو آهي، انهن خطن ۾ 90 ڏينهن جي اندر چونڊون ڪ??ائڻ جي اليڪشن ڪميشن جي ذميواري ظاهر ٿئي ٿي. هن چيو ته اسيمبلين جي عام چونڊن جي تاريخ جي اعلان لاءِ اليڪشن ڪميشن سان مشاورت جو سنجيده عمل شروع ڪيو پر اليڪشن ڪميشن ان موضوع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت کان معذرت ڪر?? ڇڏي آهي. ان لاءِ ??در جي طور سيڪشن (1) 57 تحت حاصل اختيارن کي استعمال ۾ آڻيندي صوبائي اسيمبلين جي عام چونڊن جي لاءِ 9 اپريل 2023ع آچر جي تاريخ جو اعلان ڪ??ي رهيو آهيان.