پشاور – 07 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليڊي ريڊنگ اسپتال (ايل آر ايڇ) پشاور جو دورو ڪيو، جتي هن پوليس ل??ئي??ز جي مسجد ۾ ڌماڪي جي زخم??ن جي عيادت ڪئي. صدر اسپتال جي مختلف وارڊز جو دورو ڪيو ۽ زخمين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ اسپتال انتظاميا کي هدايت ڪئي ته انهن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. صدر سان گڏ خيبرپختونخواهه جو نگران وڏو وزير محمد ??عظم خان به هو. صدر زخمي پوليس اهلڪارن جي حوصلي کي ساراهيندي ان عزم کي ورجايو ته شهيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون. هن ڌماڪي جي زخم??ن جي جلد صح??يابي لاءِ دعا ڪئي.