اسلام آباد– 30 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوليس لائين پشاور جي مسجد ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته شهرين جو ناحق رت وهائيندڙن کي عبرت جو نشان ??ڻائينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ آڏو سجدو ڪندڙ مسلمانن جو بي رحماڻو قتل قرآن جي تعليم جي منافي آهي، الله جي گهر کي نشانو بڻائڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته حملي آورن جو اسلام سان ڪو تعلق نه آهي، دهشتگرد پاڪستان ??ي دفاع جو فرض نڀائيندڙن کي نشانو بڻائي خوف پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. پاڪستان ??ي خلاف جنگ ڪندڙن کي هستي تان مٽائي ڇڏينداسين. وزيراعظم چيو ته شهرين جو ناحق رت وهائيندڙن کي عبرت جو نشان ??ڻائينداسين. دهشتگردي جي خات??ي لاءِ سڄي قوم ۽ ادارا متحد آهن، سڄي قوم پنهنجي شهيدن کي عقيدت جو سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ امن امان ??ي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ٺوس حڪ??ت عملي اختيار ڪنداسين. وفاق صوبن جي دهشتگردي جي خاتمي جي ص??اح??ت وڌائڻ ۾ تعاون ڪندو. وزيراعظم وفاقي گهرو وزير کي هدايت ڪئي ته صوبن خاص طور تي خيبرپختونخواهه ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي ص??اح??ت ۾ مدد فراهم ڪري. وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.