اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) حريت اڳواڻ ياسين مل?? جي زال مشعال حسين مل?? چيو آهي ته جمهوريت جو ڪوڙو لباس پائي ڀارت نام نهاد ري پبلڪ ڊي ملهائي ??هيو آهي، ڀارت دنيا کي دوکو ڏيڻ لاءِ اهو ڏينهن ملهائيندو آهي، ڀارتي فوج گذريل 75 سالن کان سموري ڪشميري قوم جو رت وهائي ??هي آهي. ڀارت جي نام نهاد يوم جمهوريا تي پنهنجي بيان ۾ مشعال مل?? چيو ته جمهوريت جو ڪوڙو لباس پائي ڀارت ڪشميرين جي مسل ڪشي ۾ مصروف آهي. ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لکن جي تعداد ۾ مقرر ڀارتي فوج ڪشميرين کي گولين جو شڪار ڪري رهيا آهن. ڀارتي فوج هٿان ڪشميري عورتن جي عزت پڻ محفوظ ناهي، ڀارتي فوج ڪشميرين جي گهرن کي ساڙي رهي آهي. مشعال مل?? چيو ته ڀارتي فوج کان ننڍا معصوم ڪشميري پڻ محفوظ ناهن، ڀارتي حڪومت سياسي جدوجهد تي ڪشميري اڳ??اڻ?? تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا آهن. ڏهه لک فوج سان گڏ ڀارتي حڪومت پ??جا??ه لک هندوستانين کي پڻ ڪشميري سڃاڻپ ڏئي ڇڏي. مشعال مل?? چيو ته ڪشميرين تي پ??جا??ه لک هندن کي پڻ مسلط ڪيو ويو، والاريل ڪشمير ڀارتي فوج جي ڪالوني بڻجي چڪو آهي. دنيا ڀارت جي نام نهاد جمهوريت جي پٽي اکين تان هٽائي ۽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ زيادتي کي ڏسي.