اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف افغان بارڊر فورسز پاران چمن ۾ اشتعال انگيز گولاباري ۽ فائرنگ جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته افغان عبوري حڪومت يقيني بڻائي ته اهڙا واقعا ٻيهر نه ٿين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چي?? ته افغانستان جي بارڊر فورسز پاران چمن ۾ اشتعال انگيز گولاباري ۽ فائرنگ، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي پاڪستاني شهري شهيد ۽ هڪ درجن کان وڌيڪ زخمي ٿيا. اهو واقعو بدقسمتي ۽ سخت مذمت جوڳو آهي. هن افغان عبوري حڪومت کي چي?? ته اها اهو يقيني بڻائي ته اهڙا واقعا ورجايا نه وڃن.