اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شاعر مشرق علامه محمد اقبال جي پيدائش جي ڏهاڙي کي شاندار طريقي سان ملهائڻ جي هدايت ڪندي سينيٽر عرفان صديقي جي سربراهي ۾ اقبال شناس شخصيتن تي ٻڌل 22 رڪني ??ومي ??ميٽي جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هدايت ڪئي ته نومبر جي پوري مهيني ۾ علامه اقبال جي زندگي، فڪر، تحريڪ، شاعري ۽ ف??سف?? کي اجاگر ڪيو وڃي، ڪميٽي ٽن ڏينهن ۾ نومبر مهيني جي لاءِ سرگرمين کي ترتيب ڏيڻ جو ڪم مڪمل ڪري. وزيراعظم آفيس سينيٽر عرفان صديقي جي سربراهي ۾ قومي ??ميٽي ٺاهڻ جو باضابطا ن??ٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري ڊويزن ڪميٽي کي معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ سهولت فراهم ڪندي. ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ ڊاڪٽر نثار احمد چيما، ڊاڪٽر نفيسا شاهه، پر??فيسر فتح محمد ملڪ، پر??فيسر ڊاڪٽر خواجه محمد ذڪريا، پر??فيسر ڊاڪٽر رفيع الدين هاشمي، پر??فيسر ڊاڪٽر محمد ايوب صابر، ڊاڪٽر اسلم انصاري، ڊاڪٽر احسان اڪبر، پر??فيسر ڊاڪٽر تحسين فراتي، ڊاڪٽر اڪبر احمد، ڊاڪٽر طالب حسين سيال، خرم علي شفيق، ڊاڪٽر ابصار احمد، ڊاڪٽر مقصود جعفري، ڊاڪٽر عبدالرئوف رفيق، پر??فيسر ڊاڪٽر عباد علي، ڊاڪٽر بادشاهه منير بخاري، ڊاڪٽر خالد اقبال ياسر، محمد اڪرم چغتائي، ڊاڪٽر شاهد اقبال ڪامران ۽ پر??فيسر ڊاڪٽر بصيره عنبرين شامل آهن.