اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪو آرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) کي ٻڌايو وي?? ته ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ يوريا/ ڊي اي پي جي ڪا به کوٽ ناهي، موجود ذخيرا ملڪي ضرورت لاءِ ڪافي آهن. اين ايف آر سي سي جي اج??اس ۾ رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير ۽ڊپٽي چيئرمين اين ايف آر سي سي احسن اقبال، نيشنل ڪو آرڊينيٽر اين ايف آڙ سي سي ليفٽيننٽ جنرل محمد ظفر اقبال ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ جي گڏيل صدارت ۾ منعقد ٿيو. اين ايف آر سي سي کي ٻڌايو وي?? ته ملڪ ۾ ربيع جي فصل لاءِ يوريا/ ڊي اي پي وڏي مقدار ۾ موجود آهي. جڏهن ته ڪڻڪ جا ذخيرا به ملڪي ضرورت لاءِ ڪافي آهن. احسن اقبال هدايت ڪئي ته صوبائي حڪومتون يوريا/ ڊي اي پي ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪن.نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ وزارت جي سيڪريٽري اج??اس کي ٻڌاي?? ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ڪا به کوٽ ناهي ۽ موجود ذخيره ملڪي ضرورتن لاءِ ڪافي آهن. هن وقت قومي سطح تي 6215327 ميٽرڪ ٽ?? ڪڻڪ جي ذخيرن ۾ پنجاب وٽ 3067435 ميٽرڪ ٽ??، سنڌ وٽ 865584 ميٽرڪ تن، خيبر پختونخوا وٽ 96282 ميٽرڪ ٽ??، بلوچستان وٽ 49630 ميٽرڪ ۽ پاسڪو وٽ 23630 ميٽرڪ ٽ?? ڪڻڪ موجود آهي. هن چي?? ته ڪڻڪ جي امدادي قيمت جو تعين ٻج، ڀاڻ سميت پيداواري لاڳت کي ڏسي ڪيو ويندو آهي ته جيئن آبادگارن کي مناسب منافعو ملي سگهي. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري فورم کي ٻڌاي?? ته ربيع جي فصل لاءِ يوريا/ ڊي اي پي جي گهربل مقدار ملڪ ۾ دستياب آهي ۽ ڪنهن به قسم جي کوٽ ناهي. 300000 ميٽرڪ ٽ?? ڀاڻ جي درآمد جو ٽيندڙ پهرين ئي عمل هيٺ آهي. هن چي?? ته ربيع جي فصل لاءِ 3870000 ميٽرڪ ٽ?? ڀاڻ مقامي طور تي تيار ڪئي ويندي جڏهن ته هن وقت ڀاڻ ڪمپنين وٽ به 374479 ميٽرڪ ٽ?? جا ذخيرا موجود آهن. احسن اقبال هدايت ڪئي ته صوبائي حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه آبادگارن کي ڀاڻ جي بروقت ۽ گهٽ قيمت تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چي?? ته لاڳاپيل عملدار يوريا/ ڊي اي پي جا ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪن. اج??اس ۾ ٻوڏ متاثر آبادگارن کي ربيع جي فصلن لاءِ ڪڻڪ جي ٻج جي فراهمي جي عمل جو به جائزو ورتو ويو. فورم صوبائي حڪومتن کي ٻج جي فراهمي لاءِ تحصيل/ تعلقه جي سطح تي سهولتي مرڪزن جي قيام کي يقيني بڻائڻ لاءِ جون به هدايتون ڪيون.