صحبت پور – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ٻو?? کان متاثر علائقي صحبتپور ۾ ٻو?? متاثرين جي لاءِ قائم ريليف ڪئمپ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ٽينٽ اسڪول ۾ ٻارن سان ڳالهه ٻول??ه ڪئي ۽ انهن کي ٻڌايو ته هن علائقي ۾ ماڊل اسڪول جو قيام ??ن مهينن ۾ عمل ۾ آندو ويندو. وزيراعظم ٻارن کي چيو ته هو ٻن مهينن کانپوءِ اختر مينگل ۽ وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو سان گڏ نئين اسڪول ۾ ايندو ۽ ٻارن سان ڳالهه ٻول??ه ڪندو. وزيراعظم ان موقعي تي ٻارن سان خصوصي شفقت ۽ والهاڻي محبت جو اظهار پڻ ڪيو. وزيراعظم ريليف ڪئمپ ۾ سهولتن جو پڻ جائزو ورتو. وزيراعظم ان موقعي تي ٻو?? متاثرين سان ڳالهه ٻول??ه ڪئي ۽ انهن جا مسئلا پڻ معلوم ڪيا. ان موقعي تي وزيراعظم کي بلوچستان جي چيف سيڪريٽري صحبت پور ۾ فلڊ ريليف آپريشن جي حوالي سان آگا??ه ڪيو.