اسلام آباد – 19 – ??يپ??مبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ش??يف اڄ لنڊن کان آمريڪا پهچندو جتي هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم لنڊن ۾ ملڪه برطانيا جي آخري رسمن ۾ شرڪت کانپوءِ نيويارڪ پهچندو. نيويارڪ ۾ موجودگي دوران وزيراعظم جي ٻين ملڪن جي اڳواڻن اهم ٻطرفيون ملاقاتون ٿينديون. 20 ??يپ??مبر تي وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري جي آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. 20 ??يپ??مبر تي وزيراعظم شهباز ش??يف جي فرانس جي صدر ايمانوئيل مينخوان سان ملاقات ٿيندي. 20 ??يپ??مبر تي وزيراعظم شهباز ش??يف جي آسٽريا جي چانسلر ۽ اسپين جي صدر سان پڻ ملاقاتون ٿينديون. وزيراعظم شهباز ش??يف جي يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مائيڪل سان ملاقات ٿيندي. وزيراعظم شهباز ش??يف گلوبل فوڊ سيڪيورٽي ڪانف??نس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. گلوبل فوڊ سيڪيورٽي سمٽ جو اهتمام سينيگال ۽ آفريقي يونين جي صدر ڪيو آهي. 21 ??يپ??مبر تي وزيراعظم شهباز ش??يف جي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرستالينا جورجيوا، ورلڊ بئنڪ جي صدر ڊيوڊ ملپس سان ملاقات ٿيندي. ترڪيه ج?? صدر رجب طيب اردوان کانسواءِ ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي سان پڻ وزيراعظم شهباز ش??يف جي ٻطرفي ملاقات ٿيندي. وزيراعظم شهباز ش??يف سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر جي ملاقات ٿيندي. 21 ??يپ??مبر تي وزيراعظم شهباز ش??يف آمريڪا جي صدر جو بائيڊن پاران منعقد آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم شهباز ش??يف 21 ??يپ??مبر تي ترڪيه ج?? صدر ۽ سندس گهرواريءَ جي مان ۾ مانجهاندو ڏيندو. وزيراعظم شهباز ش??يف جي فن لينڊ جي صدر سعالي نوسيتو سان ملاقات ٿيندي. 22 ??يپ??مبر تي وزيراعظم شهباز ش??يف جي مائيڪروسافٽ جي باني بل گيٽس سان ملاقات ٿيندي. وزيراعظم شهباز ش??يف جي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس سان سندس آفيس ۾ ملاقات ٿيندي. وزيراعظم جي چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ، جاپان جي وزيراعظم فيوميو ڪاشيڊا، ليگزمبرگ جي وزيراعظم زيوئير بيٽل سان ملاقات ٿيندي. وزيراعظم شهباز ش??يف جي ملائيشيا جي وزيراعظم اسماعيل صابري يعقوب سان پڻ ملاقات ٿيندي. 23 ??يپ??مبر تي وزيراعظم شهباز ش??يف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو. وزيراعظم جي نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي سان پڻ ملاقات ٿيندي. وزيراعظم دوري دوران ناليواري آمريڪي اخبار ۽ ميڊيا کي انٽرويوز پڻ ڏيندو.