ڪوئيٽه-29 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان آرمي ۽ ايف سي ??لو??ستان جو سول انتظاميه ۽ پي ڊي ايم اي سان گڏ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ ري??ف آپريشن جاري آهي. هاڻوڪي برساتن ۽ ٻوڏ ??لو??ستان جي وڏي آباديءَ کي بُريءَ طرح متاثر ڪيو آهي ۽ ماڻهن جي جاني ۽ مالي نقصان سان گڏ روڊ رستا پڻ متاثر ٿيا آهن، جنهن سبب امدادي ڪمن ۾ ڏُکيائيون پيش اچي رهيون آهن. پاڪستان آرمي ۽ ايف سي ??لو??ستان صوبي جي سمورن ضلعن ۾ ضلعي انتظاميه ۽ پي ڊي ايم اي سان گڏجي متاثرن جي خدمت ۾ رات ڏينهن مصروف آهن. ريسڪيو ٽيمون ٻوڏ ۾ ڦاٿل هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ريسڪيو ڪري مختلف هنڌن تي ??نتقل ڪيو آهي. ڪوئيٽه جي علائقي نوان ڪلي ۾ 11 ماڻهو ٻوڏ جي وهڪري ۾ ڦاٿل هئڻ جو اطلاع ملڻ تي ??اڪستان آرمي ايوي ايشن انتهائي خراب موسم ۽ تيز برسات دوران انهن ماڻهن کي ريسڪيو رڪي محفوظ ماڳ تي ??نتقل ڪيو. ڪوئيٽه ۾ لاڳيتي برسات سبب متاثر ٿيل ڪينٽ جي ڀرپاسي جي متاثرن کي پوليس لائن ڪوئيٽه ڪينٽ ۾ منتقل ڪري کاڌو ۽ ٻيون ضروري شيون مهيا ڪيون ويون. پاڪستان آرمي ۽ ايف سي ??لو??ستان ڪوئيٽه، مسلم باغ، چمن، سوئي، مچ، ڊيرا بگٽي، سبي، لهڙي، نصير آباد، بيله، اوٺل ۽ جعفر آباد جي علائقن ۾ رليف ڪيمپس قائم ڪري پڪل کاڌو ۽ ٻيون شيون بسترا ف??اه?? ڪري رهي آهي. ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪوئيٽه، مسلم باغ، سوئي، مچ، ڊيرا بگٽي، سبي، دوبندي، لهڙي، سدوري، ارا جي ضلعن لسٻيلا جي مختلف هنڌن تي ??ري ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪري مفت علاج لاءِ سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن ۽ روڊ رستن جي جلد بحاليءَ لاءِ سول انتظاميه ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج طرفان شاه??اه?? ۽ پُلن جي مرمت جو ڪم پڻ تيزيءَ سان جاري آهي، حب باءِ پاس شاه??اه?? کان بيله تائين 6 ٽريفڪ مئنجمينٽ ٽيون مقرر ڪيون ويون آهن، جڏهن ته آر سي ڊي شاهراه کي هر قسم جي اچ وڃ لاءِ کوليو ويو، ميري ۽ لاکڙا روڊ سبي تارکني روڊ جيڪو لينڊ سلائيڊنگ سبب بند ڪيا ويا هئا ٽريفڪ لاءِ کوليا ويا آهن. لنڊا پل ۾ پاڻيءَ جي گهٽ سطح هئڻ تي ??رمت جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. جنهن کي جلد ٽريفڪ لاءِ کوليو ويندو. پاڪستان آرمي ۽ ايف سي ??لو??ستان پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي ٻوڏ متاثرن جي ريسڪيو ۽ رليف آپريشن ۾ رات ڏينهن مصروف آهن.