اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائر?? چيو آهي ته ??اڪ??تان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هو ڀارت پاران والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي قدمن کي 3 سال مڪمل ٿيڻ تي جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس کان ڊي چوڪ تائين نڪتل ريلي کي خطاب ڪري رهيا هئا. دفاع واري وفاقي وزير چيو ته اسان پنهنجي نوجوان نسل کي ڪشمير جو ??اڪ??تان سان رشتو ۽ ان جي اهميت کان آگاهه ڪرڻ آهي. اسان هڪ قوم جي حيثيت سان ا?? عزم جو ورجاءُ ۽ تجديد ڪرڻ چاهيون ٿا ته ڪشمير سان اسان جو عزم لازوال آهي، ان ۾ ڪڏهن به گهٽتائي نه ايندي، ڪشمير ڪڏهن ان ۾ گهٽتائي نه ڏسندو. هن چيو ته ??اڪ??تان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ اڄ مظاهرا ٿي رهيا آهن پر اهو ڪافي نه آهي، ڪشمير جو مسئلو 75 سالن کان هڪ زخم آهي ۽ ان زخم تي مرهم رکڻ ??اڪ??تاني عوام جو عزم آهي، رڳو مخصوص ڏينهن ۾ احتجاج تائين محدود ناهي رهڻو، ??اڪ??تان جي عوام ان ۾ ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته ڪشمير ڪاز جي لاءِ اسان جي فوج جنگيون وڙهيون، هو ورڪنگ بائونڊري ۽ ايل او سي تي پهرا ڏئي رهيا آهن، انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ ??اڪ??تانين کي ڪشميرين سان وابستگي کي بهتر طريقي سان اجاگر ڪرڻ آهي. ان موقعي تي وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائر?? چيو ته هي ريلي ڪڌا ڏينهن ملهائڻ جي لاءِ جيڪي 70 سالا تي ٻڌل آهي پر ڪشميرين جو جذبو هر حربي جي باوجود گهٽ ناهي ٿيو، جيڪي قومون اهو جذبو رکنديون آهن انهن کي دٻائي نه ٿو سگهجي. هن چيو ته ڪشميرين جو حوصلو ٽوڙڻ ۾ ناڪامي تي 5 آگسٽ 2019ع تي ڪشمير جي آئيني ۽ قانوني حيثيت تبديل ڪري ان جي ڊيموگرافي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ??اڪ??تان ۾ هر حڪومت ا?? عزم جو اظهار ڪيو آهي. هن وقت هن ڪيس کي وڌيڪ بهتر انداز ۾ عالمي فورمن تي اٿارڻ ۽ پنهنجي نوجوان نسل کي ان تڪرار با??ت آگاهي جي ضرورت آهي. اسان کي عالمي دنيا کي وڌيڪ جهنجوڙڻ ۽ بار بار اهو ڪيس پيش ڪرڻو آهي. حڪومت، ميڊيا، پرڏيهي وزارت کي ان ڪيس کي جارحاڻي انداز ۾ اٿارڻو آهي، ڀارت ميڊيا ۽ س??شل ميڊيا ذريعي ڪشميرين جا حوصلا ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد تائين ??اڪ??تان جي حمايت جاري رهندي. ان جذبي کي جاري ۽ ساري رکڻو آهي. پنهنجي نوجوان نسل کي ان مسئلي ۽ ان جي ??اڪ??تان جي لاءِ اهميت کان آگاهه ڪرڻو آهي. اها پڄاڻي ??اڪ??تان جي جدوجهد آهي. ان موقعي تي حريت قيادت، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود پڻ موجود هو.