اسلام آباد – 29 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب قومي خابرو اداري (اي پي پي) جي ملازمن جي شاهراهه دستور تي جاري احتجاجي مظاهري ۾ پهچي ملازمن جا ??طا??با حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن کانپوءِ مظاهرين پنهنجو احتجاج ختم ڪري ڇڏيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اربع جي رات شاهراهه دستور تي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي احتجاج ڪندڙ ملازمن سان ملاقات جي لاءِ پهچي وئي. اي پي پي جو ايم ڊي اختر منير، پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) مبشر حسن پڻ ساڻس گڏ هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير يڪجهتي جي اظهار طور مظاهرين سان گڏ روڊ تي ويهي رهي. هن چيو ته صحافين سان سندس تعلق سياسي يا حڪومتي نمائندي جي طور تي نه آهي، آئون اي پي پي جي ملازمن جي ??سئ??ن کان چڱي ريت آگاهه آهيان پر اهي ??سئ??ا رڳو اي پي پي جا نه آهن. هن چيو ته ڏينهن رات اطلاعات واري وزارت جا اعليٰ عملدار ن??ڻي واري وزارت سان رابطي ۾ رهيا. (ڊسپيريٽري الائونس) ۽ ريگيولر پي اسڪيلز سڀني ڪارپوريشنز جو ??سئ??و آهي. ناڻي واري وزارت جي عملدارن کي چيو آهي ته ان ??سئ??ي جو جلد حل ڪڍن، ان ڏس ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا اڄ اربع ڏينهن ان معاملي جو جائزو وٺندي. هن اي پي پي ايمپلائيز يونين جي نمائندن کي چيو ته اهي به ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪن. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب خاطري ڪرائي ته اي پي پي ملازمن جي ترقي لاءِ ڊي پي سي ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون وينديون. اي پي پي ملازم اطلاعات واري وزير مريم اورنگزيب جي اچڻ، يڪجهتي جي اظهار ۽ ??سئ??ن جي حل جي خاطري ڪرائڻ تي ٿورا مڃيا ۽ احتجاج ختم ڪري ڇڏيو.