اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان هن وقت ??ائ??ن جو بدترين معاهدو ڪيو، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي سان عوام جي متاثر ٿيڻ جو احساس آهي، پر ان کانسواءِ ڪو به چارو نه هو، صورتحال تي قوم کي جلد اعتماد ۾ وٺندس، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آئون پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي سان عوام تي ٿيڻ واري اثرن کان چڱي طرح آگاهه آهيان، پر پي ٽي آءِ جي اڳوڻي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ٿيندڙ ڊيل جي ڪري موجوده حڪومت وٽ پيٽروليم مصنوعاتن جون قيمتون وڌائڻ کانسواءِ ڪو به چارو نه هو، وزيراعظم چيو ته هو پي ٽي آءِ جي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ٿيندڙ ڊيل جي حو??لي سان قوم کي جلد اعتماد ۾ وٺندو، وزيراعظم چيو ته انشاءُ الله اسان اقتصادي مشڪلاتن مان نڪري اينداسين، وزيراعظم حيرانگي جو اظهار ڪيو ته جن آءِ ايم ايف سان هن وقت ??ائ??ن جو بدترين معاهدو ڪيو ۽ ان??ها??ي غلط معاشرتي فيصلا ڪي?? ڇا هو سچ جو منهن ڏسڻ جي همت رکن ٿا؟ هن چيو ته قوم هن وقت جنهن معاشي مشڪلاتن مان گذري رهي آهي، ان جو ذميدار پاڻ کي ڪي??ن بري زمان قرار ڏئي سگهي ٿو، هن چيو ته هو اڳوڻي پي ٽي آءِ جي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف معاهدي جي باري ۾ قوم کي جلد اعتماد ۾ وٺندو.