انقره – 01 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيءَ مفاهمت جي 7 مختلف ياداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. وزيراعظم ش??باز شريف ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ترڪيءَ جي پريزيڊينسي آف اسٽريٽجي اي??ڊ بجيٽ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي آف پاڪستا?? جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ترڪ ۽ پاڪستان حڪومت جي وچ ۾ ناليج شيئرنگ پروگرام جي فريم ورڪ تي صحيحون ڪيون ويون. ترڪ ٽرانسپورٽ ۽ انفراسٽرڪچر وزارت ۽ پاڪستا?? جي مواصلات واري وزارت جي وچ ۾ هاءِ وي ??نجنيئرنگ بابت مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ترڪيءَ ۽ پاڪستا?? جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ معاشي لاڳاپ?? جي فروغ بابت گڏيل وزارتي بيان بابت مفاهمت جي ياداشت، ترڪيءَ ۽ پاڪستا?? جي ناڻي واري وزارت جي وچ ۾ فني تعاون پروٽوڪول جي مفاهمت جي ياداشت، ترڪيءَ جي ناڻي واري وزارت ۽ پاڪستا?? جي اقتصادي معاملن واري وزارت جي وچ ۾ قرض?? جي انتظام بابت تعاون پروٽوڪول جڏهن ته گهر?? جي شعبن ۾ تعاو?? جي لاءِ ترڪيءَ جي ماحوليات شهري ترقي ۽ موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان پاران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ واپار واري وزير سيد نويد قمر جڏهن ته ترڪيءَ پاران ٽرانسپورٽ واري وزير معاهدن تي صحيحون ڪيون.