اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ عوامي جمهوريه چين جي ناظم الامور ڦينگ چنگزو و??ير??عظم هائوس ۾ خيرسگالي ملاقات ڪئي. ڦينگ چنگزو کيس و??ير??عظم جو عهدو سنڀالڻ تي چين جي حڪومت ۽ قيادت پاران مبارڪباد پيش ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. چين جي ناظم الامور زور ڏنو ته ??ين و??ير??عظم شهباز شريف کي هڪ مضبوط ۽ پڪو عزم رکندڙ پنهنجي دوست طور ڏسي ٿو جنهن جو چين ۾ تمام گهڻو احترام ۽ تعريف ڪئي وڃ?? ٿي. هن گذريل حڪومت جي دور ۾ بطور پنجاب جي وڏي وزير پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي فروغ لاءِ و??ير??عظم جي ڪوششن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪئي. چين جي قيادت جي لاءِ گرمجوشي تي ٻڌل خواهشن ۽ مبارڪباد جي جذبن جو اظهار ڪندي و??ير??عظم چين جي پنهنجي ڪيترن ئي دورن جو حوالو ڏنو جن دوران هن صدر شي جن پنگ سان ملاقات جو پرمسرت اعزاز حاصل ٿيو ۽ صدر شي پاڪستان سان لاڳاپن جي فروغ ۾ ذاتي دلچسپي ورتي. و??ير??عظم صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ قدم جي فليگ شپ منصوبي سي پيڪ تي جاري اڳڀرائي ۽ پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ان جي اهميت کي ساراهيو. هن سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد جي رفتار تيز ڪرڻ ۽ ان کي چين پاڪستان دوستي ۽ گهري حصيداري جي علامت بڻائڻ جي پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو. هن صنعتن جي قيام، زراعت ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ چين پاران سيڙپڪاري ۾ اضافي جي اهميت تي زور ڏنو. پنجاب جي وڏي وزير طور چين سان پنهنجي ويجهي تعاون جو حوال?? ڏيندي و??ير??عظم پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سدا بهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جو عنصر قرار ڏنو. هن زور ڏئي چيو ته ??ين سان دوستي پاڪستان ۽ چين جي عوام جي دل ۾ موجود آهي ۽ چين پاڪستان جو مضبوط ۽ ويجهو ترين حصيدار آهي. و??ير??عظم هڪ جهڙي مفاد ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي وڌ??ڪ گهرو ڪرڻ جي پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو.