اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم خان درا??ي ڊپٽي ڊائريڪٽر پروٽوڪول تنوير حسين ملڪ جي گهر ويو جتي هن تنوير حسين ملڪ جي والده جي لاڏاڻي تي ساڻس تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحومه جي روح جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. هن چ??و ته ماءُ جو رشتو دنيا جي عظيم نعمت تصور ڪيو ويندو آهي جنهن جو دنيا مان ??لي وڃڻ سان ان جي کوٽ سدائين محسوس ڪئي ويندي آهي، هن چ??و ته ڏک جي ان گهڙي ۾ سوڳو??ر خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. ڊپٽي اسپيڪر مرحومه جي بلند درجن ۽ سوڳو??ر خاندان کي ان ناقابل تلافي نقصان کي برداشت ڪرڻ لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي. واضح رهي ته ڊپٽي ڊائريڪٽر تنوير حسين ملڪ جي والده مختصر علالت کانپوءِ 21 رمضان المبارڪ تي اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي. سندس جنازي نماز ۽ تدفين سندس اباڻي شهر ميانوالي ۾ ادا ڪئي وئي هئي.